ڀارتي مشهور ڪلاسيڪي گائڪ ڀيم سين جوشي

ڀارتي مشهور ڪلاسيڪي گائڪ ڀيم سين جوشي

ڀيم سين جوشي

ڀيم سين جوشي: پنڊت ڀيم سين جوشيءَ جو شمار هندستان جي گني گوين ۾ ٿئي ٿو. پاڻ ڪيوانا گهراڻي جو هن وقت وڏو گائڪ سمجهيو وڃي ٿو. هي 4 فيبروري 1922ع تي ڪرناٽڪ رياست جي ڳوٺ گدگ ۾ گُرچاريه جي گهر ڄائو. سندس مادري ٻولي ڪنڙ آهي ۽ ميراٺي سندس ٻي ٻولي آهي. هي پنهنجي پيءُ ماءُ جو وڏو پٽ آهي. ننڍي هوندي سندس ماءُ گذاري وئي ته کيس سندس ماٽيجي ماءُ پاليو. هن جي خاندان ۾ کانئس اڳ ڪو به ڳائڻو ڪو نه هو. 11 سالن جي عمر ۾ هن استاد عبدالڪريم خان کي ٻڌو ته کيس خيال پيدا ٿيو ته هو به ڳائڻو ٿيندو. ان لاءِ 1933ع ۾ هن گهر کي الوداع ڪيو ته جيئن ڳائڻ جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ گرُو ڳولي سگهي. ان سلسلي ۾ هن ڌرواڙ کانسواءِ پوني ۽ گواليار وغيره جو سفر ڪيو ۽ آخر مانڊوا ميوزڪ اسڪول گواليار ۾ داخلا ورتائين. اهو اسڪول گواليار جو مهاراجا هلائيندو هو. انهيءَ اسڪول ۾ مشهور سرود نواز استاد حافظ علي خان به استاد مقرر هو. پر اتي به هن کي چين نه آيو. ٽي سال مسلسل هو گرُوءَ جي ڳولا ۾ اتر هندوستان ۾ رُلندو رهيو. ان وچ ۾ هن دهلي، ڪلڪتي، لکنو ۽ رامپور جو به سفر ڪيو. اوچتو جالندر ۾ سندس پيءُ گڏيو، جنهن کيس واپس ڳوٺ آندو. 1936ع ۾ مشهور گائڪ گنڌروا سوامي کيس پنهنجي شاگرديءَ جو شرف ڏنو. ڀيم سين هن جي گهر ۾ رهي سندس خدمت ڪئي ۽ شاگرديءَ جا مروج سڀ قانون بجا آندائين. گهر جو ڪم ڪار، استاد جي خدمت ۽ مهمانن جي خاطر تواضع سڀ ڪندو هو. ان جي عيوضي ۾ استاد کيس راڳ جي سکيا ڏيندو هو. گنگو ٻائي هَنگول به ساڻس گڏ استاد سوامي گنڌروا وٽ ڳائڻ جي تعليم وٺندي هئي. هن 1942ع تائين اتي علم پرايو. 1943ع ۾ پاڻ بمبئيءَ اچي ريڊيو تي ملازمت اختيار ڪيائين. هن 19 سالن جي عمر ۾ پهريون ڀيرو بمبئيءَ جي هڪ فنڪشن ۾ ڳاتو. عام توڙي خاص ماڻهن سندس ڳائڻ جي انداز، تانن جي روپ ۽ آواز جي ضابطي کي پسند ڪيو. هن جي ڌُنن ۾ ڪيرانا گهراڻي جي راڳ واري انداز جي سڳنڌ شروع کان چٽي محسوس ٿيندي هئي. ڪن راڳن تي کيس وڏو ملڪو حاصل هو. جيئن سر ڪلياڻ، ميان جي ٽوڙي، پوريا ڌناسري، ملتاني، ڀيم پلاسي، درباري ۽ رام ڪلي.
عبدالڪريم خان کان سواءِ مٿس ڪيسر ٻائي ڪيرڪر، بيگم اختري، ۽ امير علي خان'>استاد امير علي خان جي راڳ جو گهڻو اثر رهيو. بهرحال ڀيم سين جوشيءَ جي ڳائڻ جو پنهنجو انداز رهيو، جيڪو وقت جي سڀني گائڪن کان مختلف رهيو آهي. ڀيم سين ڪن فلمن ۾ به ڳاتو آهي. جيئن مناڊي سان گڏ فلم ”بسنت بهار“، پنڊت جيسراج سان ”بيربل ماءِ برادر“ ۽ ”تان سين“ وغيره. ڀڳتي موسيقي ۾ سندس ڪنڙ ٻوليءَ ۾ ڀڄن تمام گهڻو مشهور آهن.
هر سال، ڊسمبر ۾ پنهنجي استاد جي ياد ۾ پوني م ڪلاسيڪل موسيقيءَ جو ميلو ”سوامي گندروا ميوزڪ فيسٽيول“ لڳرائيندو آهي. جنهن ۾ هندستان جا ناميارا راڳي حصو وٺندا آهن.
ڀيم سين ننڍپڻ ۾ پنهنجي هڪ مائٽ سنندا ڪاتي سان شادي ڪئي. جنهن مان کيس رگهو ويندرا ۽ آنند نالي ٻه پٽ آهن. سنندا ڪاتي سال 1992ع ۾ ديهانت ڪري وئي ته ٻيءَ عورت وئشالا سان 2004ع ۾ شادي ڪيائين. جنهن مان به کيس ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي آهي.
سندس فن جو قدر ڪندي مختلف وقتن تي کيس هيٺيان اوارڊ ڏنا ويا:
(1) پدم شري اوارڊ 1972ع، (2) سنگيت ناٽڪ اڪيڊمي اوارڊ 1976ع، (3) پدم ڀوشن اوراڊ 1985ع، (4) نيشنل فلم اوارڊ 1985ع، (5) پدم وڀوشن اوارڊ 1999ع، (6) اڌيتيا وڪرم برلا ڪالاسڪر پوراسڪر اوارد 2000ع، (7) ندوجا اوارڊ (ڪنڙ يونيورسٽي طرفان) 2001ع، (8) مهاراشٽرا ڀوشن اوارڊ 2002ع، (9) ڪيرالا پرسڪار طرفان ”سواٿي سنگيتا پرسڪار اوارڊ“ 2003ع، (10) ڪرناٽڪا رتنا اوارڊ 2005ع، (11) سوامي هري داس اوارڊ 2008ع، (13) دهلي سرڪار طرفان ”لائيف اچيومينٽ اوارڊ 2009ع شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1922.02.04  عيسوي

هي ڀيم سين جوشي 4 فيبروري 1922ع تي ڪرناٽڪ رياست جي ڳوٺ گدگ ۾ گُرچاريه جي گهر ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀائي ڪلاچند
الڪندي
ابوالحسن
درازي سخي قبول محمد چوٿون
پيٽراعظم
احسان دانش ڀٽو
ٻڍل بيگ ميرزا
ع ق شيخ
عبدالله خان
شهرالله قريشي بڪيرائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون